رين گيج

رين گيج

رين گيج

رين گيج (Rain Guage): ’رين گيجبرسات جو مقدار ماپڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هي سادو آلو يا اوزار موسميات کاتي وٽ موجود هوندو آهي. هن اوزار ذريعي ڪٿي به برسات جو مقدار ماپي سگهجي ٿو. هن آلي جي منهن تي 5 کان 8 انچن جي قطر جو هڪڙو ڪيف لڳل هوندو آهي ۽ ان جي ڳچي شيشي جي هڪڙي وڏي جار ۾ کُلندي آهي. هي جار هڪ مقرر وقت ۾ پوندڙ پاڻيءَ کي گڏ ڪندي آهي. هيءَ جار اهڙي طريقي جي ٺهيل ۽ بند آهي، جنهن ۾ داخل ٿيل پاڻي بخار جي عمل جو حصو نه بڻجندو آهي. هن جار تي ماپ جا نشان انچن ۽ ملي ميٽرن ۾ لڳل هوندا آهن. جن سان پوندڙ برسات جو مقدار يڪدم معلوم ٿي ويندو آهي. هن آلي ذريعي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا پوندڙ برسات جو مقدار ماپيو ويندو آهي. هن آلي رينج گيج کي اردوءَ ۾ ’مقياس المُطر‘ چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو